شيخ، نوشاد احمد

شيخ، نوشاد احمد

نوشاد احمد شيخ ڊاڪٽر

نوشاد احمد شيخ، ڊاڪٽر: سنڌ جي ناليوارو سرجن ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ڄام شوري جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر نوشاد احمد ولد مقصود احمد شيخ 27 آڪٽوبر 1958ع تي شـڪـارپور ۾ ڄـائـو. هـن ابتـدائـي تـعـليـم شـڪـارپور ۽ حيدرآباد جـي سرڪاري اسڪولن مان حاصل ڪرڻ بعد 1983ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مـان ايـم. بي. بي. ايس (MBBS) جـي ڊگـري حاصل ڪئي، جتي هن جنرل سـرجـريءَ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪئي. عملي زندگيءَ جي حوالي سان پاڻ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، ڪراچي ۾ سرجري جو پروفيسر، لياري جنرل اسپتال ۽ سول اسپتال ڪراچي جو ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي جو پرنسپال 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ حڪومت صحت کاتي جو سيڪريٽري ۽ 2007ع کان 2017ع تائين لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ائنڊ هيلٿ سائنسز ڄام شوري جو وائيس چانسلر جي عهدي تي فائز رهيو. ان کان سواءِ پاڪستان ميڊيڪل ريسرچ ڪائونسل (PMRC) جو اعزازي ڊائريڪٽر ۽ لياقت يونيورسٽيءَ طرفان انڊر گريجوئيٽ نصاب ۾ بائيو ميڊيڪل ايٿڪس ۽ آءِ ٽي جا موضوع/عنوان متعارف ڪرايا ويا آهن. گڏوگڏ دل جي بيماريءَ جي علاج لاءِ Cardiac Surgery Unit به قائم ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.10.27  عيسوي

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ڄام شوري جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر نوشاد احمد ولد مقصود احمد شيخ 27 آڪٽوبر 1958ع تي شـڪـارپور ۾ ڄـائـو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرل فقير خوشدل ستاري
نور محمد انڍڙ
رانجهو
ڀڳوان سي ٿڌاڻي پشپ
الهداد خان صوفي لغاري
رحيم بخش بدوي
تاج جويو
الانا ڊاڪٽر غلام علي
جميلا بوپاشا
خليل سلطان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون